ہفتہ، 15 جولائی، 2017

ريڊيو جو مشغلو

.ريڊيو پنهنجي دور جي اهم سائنسي ۽ انقلابي ايجاد هئي... سنڌي سماج ۾ ريڊيو معلومات، تفريح ۽ ڪٿي ڪٿي اخلاقيات جو معيار بڻجي ويو. ريڊيو هڪ ئي وقت ٻڌو تہ ويندو ھو پر عورتن جو ريڊيو ٻڌڻ پسند نہ ڪيو ويندو هو . ڪوڙا، رواجي غيرتي مڙس ريڊيو ٻڌندي " ادا! انهن بي غيرتن جون رنون پيون ريڊيا ٻڌن، حيا شرم ويو هليو "جهڙا جملو گهڻو استعمال ڪندا هئا، ريڊيو هڪ رومانس هو، ھي پورٽ ايبل ميڊيم هئي، جهرجهنگ ، گھر گهاٽ، ٻني ٻاري، دڪان وٿاڻ تائين کڻي هلي سگهبو هو ريڊين جا شوقين تر ۾ ڳاڻ ڳڻيا هوندا هئا، هڪڙا ريڊين جا مستري هوندا هئا انهن جي چئن ڳوٺن ۾ لئي عزت نالو نام هوندو هو، ٻيا وري ريڊين جا سودا ڪندڙ شوقين هوندا هئا، ريڊئي سامهون ريڊيو... يا ڪٿي ڪٿي اتر بہ ڏبو هو. مايون. محبوبائون پنهنجي مڙسن، منگيتن، محبوبن جي ريڊين لاء خوبصورت چوليون يا پوش گفٽ طور ٺاهينديون هيون. ڳوٺن ۾ وڏي آواز ۾ ريڊيو وڄائڻ تي اوڙي پاڙي مان غيرتي گلا بہ اچي ٺڪاءُ ڪندي هئي، هڪڙا ريگيولر شوقين ٻڌندڙ باقاعدي ريڊئي جي فرمائشي پروگرامن ۾ خط لکندا هئا. ۽ تر، شهر ڳوٺ ۾ ٻانهن لوڏي پيا هلندا هئا.. هندستان ۾ ريڊيو جي پهرين اسٽيشن سيلون ٺهي هئي. ريڊيو سيلون مشهور هوندو هو، ستر اسي جي ڏهاڪي ۾ ريڊيو سيلون جي بناڪا گيت مالا پروگرام جي ڌوم متل هوندي هئي صبح جو امين سياني جو آواز سيلون کان سڌو هوائن جي گهوڙي تي چڙهي سنڌ اچي پهچندو هو.. ريڊيو زاهدان، آڪاشواڻي، آل انڊيا... اصل اهڙا تہ وڳا جو وڃي ٿيا ست خير.. ريڊيو جو آواز، لهرون هيڏانهن هوڏانهن ٿينديون هيون تہ وري ايريل ڪڍبي هئي، ايريل ڪم نہ ڪيو تہ وائر لڳائي ڇڪي کڻي ڇت تائين لڳائبي هئي...ريڊيو جو باقائده لائسنس ٺهرائبو هو، سنڌ پوليس شگر مان ريڊيو جي ڳوٺاڻن معصوم شوقين کي تنگ ڪندي لائسنس بهاني رشوتون، خرچيون وٺندي هئي.